سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ٿي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 798 ڪيس سامهون آيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته صوبي ۾ هيل تائين هڪ لک 17 هزار 598 ڪيس سامهون آيا، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 2 هزار 135 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔