والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر :والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي قابض فوج جي والاريل وادي ۾ انساني حق جي لتاڙ ۽ ظلم جاري آهي.

ڪي ايم سي موجب، ڀارتي فوج سرينگر جي علائقي رنبير ڳڙهه ۾ رياستي دهشتگردي جو مطاهرو ڪندي ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فوج ٻنهي نوجوانن کي آپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري شهيد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔