پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي:احسن اقبال

لاهور : پاڪستان ۾ مارشل لا ۽ جمهويت جي بدترين ميلاپ وارو نظام هلي رهيو آهي، رياست ائين نه هلندي آهي، نواز ليگ اڳواڻ احسن قبال پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، مهانگائيءَ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۾ لو هائيبرڊ نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي نااهليءَ جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي ۽ بنگلاديش توڙي افغانستان به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويا، غلط خبرون هلائي ادارن وچ ۾ تڪرار ۽ اختلاف وڌايا ويا، نتيجي ۾ نواز ليگ جي حڪومت ختم ڪري سي پيڪ کي به داءُ تي لڳايو ويو، هاڻي سي پيڪ عملي ڪم مان نڪري سوشل ميڊيا تائين محدود ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔