بلاول ڀٽو زرداري جي بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات

اسلام آباد : پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي حڪومت سان اتحاد ختم ڪندڙ جماعت بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل ۾ ٽيليفونڪ رابطي بعد ملاقات ڪئي آهي ،ملاقات ۾ اي پي سي سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، پيپلزپارٽي ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ اختر مينگل ۾ ملاقات زرداري هائوس ۾ ٿي، ٻنهي اڳواڻن ۾ اي پي سي سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔