وزيراعظم بلوچستان جي عوام لاءِ ترقياتي منصوبن بابت ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان بلوچستان جِي ترقي لاءِ رٿابندي واري وزير، ناڻي بابت صلاحڪار ۽ بلوچستان جَي وڏي وزير تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم قومي ترقياتي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي عوام جِي احساسِ محرومي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. بلوچستان ۾ مڪمل امن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. گوادر منصوبو بلوچستان سميت پوري علائقي لاءِ گيم چينجرز جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ روڊ نيٽ ورڪ سميت انفرا اسٽرڪچر ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔