پهرين سيريز کان اڳ ڪلاڪن تائين واش روم ۾ روئيندو رهيس؛ امام الحق جو انڪشاف

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر امام الحق انڪشاف ڪيو آهي ته هو پهرين سيريز دوران ڪلاڪن تائين واش روم ۾ روئيندو رهيو ڇو ته راند شروع ٿيڻ کان اڳ ئي کيس انضمام الحق جو ڀائيٽيو هجڻ جوطعنو ڏنو ويو. 2017 ۾ سري لنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ، امام الحق کي پنهنجي پهرين شروعات تي هڪ سينچري اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل هو.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ ڪرڪيٽر امام الحق چيو ته بابر اعظم کانسواءِ ٽيم ۾ ڪو به دوست ناهي.
هن چيو ته هو ان دوران الگ الگ کاڌو کائيندو هو ، هڪ خوف هو ته هن اڃا تائين ڪو ميچ ناهي کيڏيو ۽ موقعو ملي ويو ۽ ناڪام ٿيس ته ڪيرئير ختم.
امام الحق چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي سخت تنقيد کانپوءِ هن پنهنجو فون بند ڪيو ، واش روم ڏانهن ويو ۽ ڪلاڪن تائين روئيندو رهيو ، احمد شهزاد جي پهرين ٻن ون ڊي ۾ ڪارڪردگي سٺي نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔