پاڪستاني اداڪار فيروز خان جي شوبز ۾ واپسي…

ڪراچي: شوبز انڊسٽري کي الوداع ڪندڙ اداڪار فيروز خان جي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽيلي فلم ذريعي واپسي ٿي رهي آهي.
تفصيل موجب اداڪار فيروز خان ، جيڪو پاڪستان شوبزانڊسٽري کي الوداع چئي ڇڏيو هو ، هاڻي ٽيلي فلم ذريعي عيد الاضحيٰ تي واپس اچي رهيو آهي ۽ اداڪاره زارا نور عباس ان سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي.
فيروز خان جي ٽيلي فلم جو نالو ته ظاهر نه ڪيو ويو آهي پر ان جي ڪاسٽ منظرعام تي آئي آهي جنهن ۾ منزا وقاص ، زارا نور عباس ۽ ٻيا شامل آهن ، هن جي هدايتڪاري جا فرض احسن طالش سرانجام ڏئي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔