راولپندي ويجهو جيءُ جهوريندڙ واقعو،خوني تڪرار 10 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد : راولپندي ويجهو ڳوٺ مَيال ۾ خوني تڪرار 6 نارين ۽ هڪ معصوم ٻارڙِي سميت 10 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. پوليس اٽالن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پنجاب جَي قانون وارَي وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن آهن ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي. ربنواز نالي شخص هڪ گهر ۾ گهڙي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. واقعي جَي ذميوارن کي قانون جَي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس وٺي سي سي پي او پنڊي کان رپورٽ طلب ڪر ي ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔