امريڪا ٽن چيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو

واشنگٽن؛ امريڪا چين خلاف تازي ڪارروائي ۾ ان جي ٽن شهرين کي ويزا فراڊ ۽ چيني فوج سان لاڳاپن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب هن وقت تائين ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته چوٿين ماڻهو جي ڳولا جاري آهي. ايف بي آء هن وقت تائين پنجويهه چيني شهرين کان چيني فوج سان اڻ اعلانيل لاڳاپن جي الزام تحت جاچ ڪري چڪي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن خاص ڪري جنهن وقت کان آمريڪا هوسٽن ۾ چين کي پنهنجو سفارتخانو بند ڪرڻ جو چيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔