سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزيرامتياز شيخ جِي تقرير دوران اپوزيشن جي ميمبرز پاران گوڙ

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ جِي تقرير دوران اپوزيشن جي ميمبرز پاران گوڙ ڪيو ويو. حڪومتي ۽ اپوزيشن ميبرن جون هڪٻئي تي اُلرن دوران صورتحال ڪنٽرول نه ٿيڻ تان اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ ٽرانسپورٽ جَي وزير طرفان سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪري ڇڏي. مسافر گاڏين ۽ اسڪولي وئنز ۾ پابندي باوجود گئس سلينڊر لڳل هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ سوال جوابن جَي وقفي دوران ٽرانسپورٽ وارَي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو. جِي ڊي اَي ايم پي اَي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته پابندي باوجود اڃا تائين گاڏين مان گئس سلينڊر ختم نه ڪيا ويا آهن. هر ٻئي ڏينهن گئس سلينڊرز سبب حادثا ٿي رهيا آهن. نصرت سحر اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽ کاتو ڪم نٿو ڪري ته اُن جو وزير استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي. صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته اسڪولي وئنز ۽ انٽر سٽي هلندڙ گاڏين ۾ گئس سلينڊرز لڳائڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته قانون تي عمل لاءِ ڪارروائيون ڪيون وينديون آهن.صوبائي وزير چيو ته سي اين جِي بابت قانون رڳو سنڌ ۾ آهي، ٽن صوبن ۾ اڃا قانون ناهي ٺهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔