افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان هوائي حملي ۾ عام ماڻهن ۽ طالبان سميت پنجيتاليهه ڄڻا مارجي ويا

ڪابل؛ افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان هوائي حملي ۾ عام ماڻهن ۽ طالبان سميت پنجيتاليهه ڄڻا مارجي ويا آهن.
هرات صوبي جي ادراسڪ ضلعي جي گورنر علي احمد فقير چيو ته مارجي ويلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺ شهري پڻ آهن.
هن چيو ته خيام زيارت جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان هوائي حملي ۾ هينئر تائين طالبان سميت 45 ماڻهو ماريا ويا آهن. افغان وزارت دفاع چيو ته افغان فورسز طرفان علائقي ۾ حملن ۾ شهرين جي مارجي وڃڻ جي الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔