ڪلڀوشن ڪيس: حڪومت هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻ اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سزا جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي روشني ۾ فيئر ٽرائل جي تقاضا پوري ڪرڻ جي لاءِ حڪومت  جاري ڪيل آرڊينس جي تحت اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان  قانون ۽ انصاف واري وارت طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.  ڪلڀوشن جي پنهنجي سزا جي حوالي سان نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ۽ ڀارت پاران پاڪستان جي طرفان نظرثاني  اپيل جي سهوليت جو فائدو کڻڻ کان پاسو ڪرڻ کان پوءِ حڪومت هي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. وفاقي حڪومت جي تيار ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ وڪيل مقرر ڪري جيڪو انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي موجب ڪلڀوشن کي فوجي عدالت مان ٻڌايل سزا جي فيصلي جي حوالي سان نظرثاني ۽ فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ جي درخواست جي پيروي ڪري.

درخواست ۾ جج، ايڊووڪيٽ جنرل برانچ، جي ايڇ ڪيو ۽ بچاءُ واري وزارت کي ڌر بنايو ويو آهي. حڪومت چيو آهي ته ڪلڀوشن جي سزا جي حوالي سان نظرثاني اپيل يا فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ان کان علاوه ان وٽ آزاد ذريعا موجود ناهن ته هو پاڻ ئي وڪيل ڪري. واضح رهي ته فوجي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي جاسوسي جي الزام ۾  ڦاهي جي سزا ٻڌائي آهي.

انصاف جي عالمي عدالت پاڪستان کي حڪم ڏنو هو ته هو ڦاهي جي سزا تي نظر ثاني ڪري ۽ ان کي قونصلر رسائي ڏئي. ان حوالي سان پاڪستان ڪلڀوشن کي نه صرف ڪيترائي ڀيرا قونصلر رسائي ڏئي چڪو آهي پر ان سان سندس گهر ڀاتين جي ملاقات به ڪرائي وئي آهي. ڪلڀوشن کي ڦاهي جي سزا خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جو به موقعو ڏنو ويو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔