وفاقي حڪومت ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ کي قومي مالياتي ڪميشن مان ھٽائي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ کي قومي مالياتي ڪميشن مان هٽائي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ جي خلاف(ن) ليگ جي اڳواڻ خرم دستگير جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد وفاقي حڪومت  جو قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ جو نئون نوٽيفڪيشن پيش ڪيو.

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جنهن نوٽيفڪيشن کي چيلنج ڪيو ويو اهو حڪومت واپس وٺي ڇڏيو هو ۽ حڪومت هاڻ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پهريون نوٽيفڪيشن غير موثر ٿي ويو.

هاڻ نئين نوٽيفڪيشن موجب ناڻي واري صلاحڪار کي ڪميشن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. اٽارني جنرل چيو ته پراڻي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ جي نئين نوٽيفڪيشن تي مون کي به اعتراض هو هاڻ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته خرم دستگير جي درخواست غير موثر قرار ڏني وڃي.

ان موقعي تي محسن شاهنواز رانجها چيو ته اسان جو اعتراض هو ته اسان مشاورت کان بغير مالياتي ڪميشن جوڙيو هو پر اسان جي اها ڪاميابي آهي ته حڪومت کي اسان آئين جي تحت ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنهن کان پوءِ عدالت نئون نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ کان پوءِ خرم دستگير جي درخواست کي اُڪلائي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔