ڪلڀوشن معاملو ۽ علائقي جي امن لاءِ هاڃيڪار ڀارتي هندواتا نظريو

3 مارچ 2016ع تي پاڪستان طرفان ايران جي سرحدي علائقي ساروان مان پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي علائقي مشاخيل ۾ داخل ٿيندي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادَو کي گرفتار ڪيو ويو هو .

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن گرفتاري کانپوءِ ۽ پنهنجي ماءُ ۽ گهرواري سان ملاقات ۾ پاڪستان اندر جاسوسي ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي ،جنهن کي موت جي سزا پڻ ٻڌائي وئي هئي پر ڀارت طرفان معاملو عالمي عدالت کڻي وڃڻ بعد سندس سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو هو، ۽ لاڳيتو ٻڌڻين کانپوءِ انصاف جي عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو جي آزادي واري درخواست رد ڪندي کيس پاڪستان جي تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو هو.

پاڪستان ۽ ڀارت ويانا ڪنوينشن جا ميمبر آهن. ڀارت ويانا ڪنوينشن جي تحت ڪلڀوشن ياديو تائين ڪائونسلر پهچ گهري هئي جنهن تي اعتراض ڪندي پاڪستان شروع ۾  قونصلر پهچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو پر پوءِ عالمي عدالت جي چوڻ تي 2 سيپٽمبر 2019 تي کيس پهرين قونصلر پهچ ڏني وئي، پر ان ۾ ڀارتي سفارتڪارن جو حيرتناڪ رويو ڏٺو ويو جو انهن ڪلڀوشن سان ڳالهه ٻوله ئي نه ڪئي.  پاڪستان  پاران ڀارتي دهشتگرد کي ٻي قونصلر پهچ 16 جولاءِ 2020 ۽ ٽين قونصلر پهچ 17 جولاءِ 2020 تي ڏني  وئي .  

ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران ڀارتي جاسوس کي ٻيون ۽ ٽيون ڀيرو قونصلر پهچ ڏيڻ جي آڇ عالمي برادري ۾پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪئي  وئي ته جيئن عالمي برادري کي تفصيل ٻڌائڻ جو موقعو ملي سگهي ته پاڪستان نه رڳو انصاف واري عالمي عدالت جو حڪم مڃيو پرڀارتي دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر پهچ پڻ ڏني ۽ ان جي ماءُ ۽ گهرواري سان به ملرايو جيڪا پاڪستان پاران هڪ هاڪاري اڳڀرائي هئي پر ڀارت پاران ان جي ڪا به هاڪاري موٽ نه ڏني وئي  

پاڪستان جيئن ته هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن افغانستان ۾ امن لاءِ به ڀرپور ڪردارادا ڪيو آهي .

نومبر2018 ۾ سک پانڌيئڙن لاءِ ڪرتار پور ڪاريڊور جو کولڻ به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ڪيترو امن پسند ملڪ آهي ۽ هوپنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو خواهش مند آهي پر ڀارت ۽ مودي سرڪار جو هندواتا نظريو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ نهايت ئي خطرناڪ ۽ نقصان ڪار ثابت ٿي رهيوآهي.

ٻئي پاسي سري لنڪا جي ميڊيا ۽ آرمي چيف پاران به ڀارت تي سري لنڪا ۾ آپگهاتي بم حملي جا سخت قسم جا الزام مڙهيا ويا آهن.

پاڪستان پاران ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ عالمي عدالت ۾ اهم شاهديون ۽ پڪا ثبوت پيش ڪيا ويا ، پاڪستان ڀارت جي هر سطح تي دهشتگردي  کي وائکو ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو پيو اچي پر ڀارت جي مسلسل دهشتگردي ۽ ڏاڍ سڄي دنيا پنهنجي اکين سان ڏسي رهي آهي جنهن جو وڏو ثبوت ڪلڀوشن ياديو جي صورت ۾ آهي .

عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڪلڀوشن جي معاملي ۾ ڀارت جي غير سنجيدگي جو نوٽيس وٺي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ۽ خطي ۾ ڀارت جي اصل چهري کي وائکو ڪرڻ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔