سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نيب جو باب بند ٿيڻ گهرجي،بلاول ڀٽو زرداري

لاهور: پيپلزپارتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نيب جو باب بند ٿيڻ گهرجي، نيب-اسٽيبلشمينٽ ڪٺ پتلي جو احتساب ٿي رهيو آهي، هاڻي نيب جي رهڻ جو ڪو جواز ناهي بچيو، خواجه سعد رفيق ڪيس تي سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي رهي، نيب ۽ ڄامڙن جي مدد سان حڪومت ٺهندي آهي ته ملڪ جي حالت خراب ٿي ويندي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي آڻيندڙ ٻڌائين ته ڇا ڪرپشن ختم ٿي وئي؟ عمران خان جو ڪچن هلائڻ لاءِ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، نيب کي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جو شروع کان موقف رهيو آهي ته آمر طرفان آندل نيب جو قانون ڪارو قانون آهي. نيب کي بند ڪريو، غيرآئيني ادارن کي تالو هڻي ڇڏيو، نيب چيئيرمين ۾ شرم حياءُ هجي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، وفاقي حڪومت صوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي صحتيابي بعد اي پي سي ٿيندي، ن ليگ قيادت سان اي پي سي بابت تفصيلي ملاقات ٿي، عيد بعد ٿيندڙ اي پي سي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، پنجاب پاڪستان جو وڏو صوبو آهي، ملڪ جي وڏي صوبي تي اڻ گهڙيا ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن، پنجاب جي حڪومتي ٽيم نالائق ۽ نااهل آهي، پنجاب جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔