ڪورونا جي مريضن ۾ موجود پروٽين سان آزمائشي علاج ۾ اهم اڳڀرائي

لنڊن: برطانوي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني ڪورونا وائرس جي مريضن جو پروٽين سان آزمائشي علاج ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب لکين ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ به هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي. موذي وائرس جتي دنيا جون معاشي ۽ سياحتي سرگرميون ٺپ ڪري ڇڏيون آهن اتي ئي ان خطرناڪ وائرس جي علاج جي به ڳولا ڪئي پئي وڃي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ به موذي وائرس جي ويڪسين ۽ علاج جي طريقي تي تحقيق ۾ مصروف آهن ۽ برطانيه ۾ پروٽين جي ذريعي موذي وائرس جي علاج ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي مريضن جو پروٽين سان آزمائشي علاج هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ان علاج سان ڪورونا مان متاثر ٿيل مريضن جي پريشانين کي هڪ کان 16 ڏينهن ۾ 79 سيڪڙو تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. برطانيه جي هڪ ڪمپني موجب ڪلينيڪل ٽرائل جي شروعاتي نتيجن مان خبر پئي آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون علاج انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت وارن مريضن جي انگ کي گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي. ڪمپني ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن علاج جي لاءِ انٽرفيرون بيٽا نالي پروٽين جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن کي انساني جسم وائرل انفيڪشن ٿيڻ تي ٺاهيندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔