ڪورڪمانڊر ڪانفرنس: آرمي چيف جو پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان ظاهر

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي .

آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو ويو

پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ موجب هٿياربند فوج آپريشنل تيارين ۽ ملڪ کي پيش ايندڙ خطرن جو جائزو ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو خاص طور تي نوٽيس ورتو  ويو.

ڪشميرين جي جدوجهد دوران شهيد ٿي ويلن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هٿياربند فوج تيار آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪورونا وائرس ۽ ماڪڙ خلاف پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته عيدالاضحيٰ دوران ڪورونا وبا بابت احتياطي اپائن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي . ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪورونا جي خلاف طبي عملي جي خدمت کي ڀيٽا پيش ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔