وفاقي ڪابينا پي ٽي وي جي لائسنس واري فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد : سڌ سماء واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن ادارن کي سڌارڻ بدران تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پي ٽي وي جي لائسنس واري فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو آهي. وزيراعظم اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ بابت لاڳاپيل ادارن کان پڇاڳاڇا ڪئي. هن چيو ته گذريل حڪومتن ۾ وفاقي ڪابينا جا اجلاس عيد جيان ٿيندا هيا. شبلي فراز چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته اٽي جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿئي. ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ سماج جا دشمن آهن،عوام اهڙن عنصرن جي نشانڌهي ڪن. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي احتياطي تدابير اختيار ڪيا وڃن جيئن ڪورونا جي صورتحال خراب نه ٿي. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان واري ڳالهه ٻين به ڪئي اهي صرف نعرن تائين محدود هيا. وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ فنانسنگ جي سهولتن فراهم ڪئي پئي وڃي، تعميراتي صنعت شروع ٿيڻ سان ملڪ معاشي انقلاب ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔