عيدالاضحيٰ تي مخصوص ڪيل جاين تي ئي قرباني جا جانور ذبح ڪيا ويندا، وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا لاءِ هاٽ اسپاٽ قرار ڏنل علائقن ۾ سليڪٽِوَ لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ اين سي او سي جي اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عيدالاضحيٰ تي مخصوص ڪيل جاين تي ئي قرباني جا جانور ذبح ڪيا ويندا، گهٽين ۽ رستن تي جانورن جي قرباني ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ شريڪ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن سان ئي ڪورونا کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، صوبن ۾ اين سي او سي جا اجلاس ڪرائڻ جو مقصد ڪورونا کي منهن ڏيڻ وارن قدمن کي بهتر ڪرڻ آهي، وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن جي صلاح مشوري سان ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ گائيڊ لائينز تيار ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ اين سي او سي جي اجلاس دوران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان سفارشن جو جائزو ورتو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔