سون جي في تولو قيمت هڪ لک 9 هزار رپين کان وڌي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت نئين بلند ترين سطح يعني في تولو هڪ لک 9 هزار250 رپين تائين پهچي وئي، ۽ سون جو في 10 گرام 93 هزار 664 رپين تائين ٿي ويو

عالمي سطح تي ڪرونا وائرس جي صورتحال ۽ معاشي بحالي ۾ سستي جي ڪري سون جي قيمت ۾ هڪ هزار 809 ڊالر في اونس جو اضافو ٿيو آهي .

آل سنڌ صراف جيولرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي قيمتن جي ڀيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔