ڪنگنا رناوت فلمساز پوجا ڀٽ جي پنهنجا نوازي خلاف بيان ڏيڻ تي مٿس ڪڙڪي پئي

نئين دهلي : ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي فلمساز پوجا ڀٽ جي پنهنجا نوازي خلاف بيان ڏيڻ تي مٿس ڪڙڪي پئي. فلم ساز پوجا ڀٽ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجا نوازي خلاف پنهنجي فلمي پراڊڪشن جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪيا، پوجا چيو ته سندس فلم پراڊڪشن هائوس ۾ ڪنهن قسم جي پنهنجا نوازي ناهي. هميشه نون ۽ ٻاهران ايندڙ فنڪارن جي آجيان ڪئي وئي آهي ۽ نون چهرن کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڪنگنا رناوت باصلاحيت اداڪارا آهي، وينيش فلمز ئي ڪنگنا کي فلم انڊسٽري ۾ فلم گينگسٽر ذريعي متعارف ڪرايو هو، پوجا ڀٽ جي ٽوئيٽ ۾ ڪنگنا جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ويو. ڪنگنا جي ٽوئٽر ٽيم کي پوجا ڀٽ جا اهڙا ٽوئيٽ نه وڻيا ۽ پوجا ڀٽ کي جواب ڏنيو ويو ته فلمن ۾ نون چهرن کي بنا معاوضي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪرائڻ ڪيترن ئي فلم پراڊڪشن هائوسز جو ڪم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔