لاهور: پي ايس ايل سيزن 11 جي 11 هين ميچ ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏيل برسات کان متاثر ميچ ۾، هر اننگ 13 اوورن تي مشتمل هئي. ملتان سلطانز جي ٽيم 186 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 165 رنسون ٺاهي سگهي.
ملتان سلطانز لاءِ ڪپتان ايشٽن ٽرنر 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته شان مسعود 44 ۽ عرفات منهاس 25 رنسون ٺاهيون.
مستفيض الرحمان 2 وڪيٽون ورتيون، شاهين شاهه آفريدي، سڪندر رضا ۽ عبيد شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ لاهور قلندرز مقرر ڪيل 13 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن ۾ محمد نعيم 60، پرويز حسين 45، عبدالله شفيق 33، رابن 3 ۽ آصف علي 8 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويا.
سڪندر رضا 13 ۽ شاهين آفريدي 13 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.
ملتان سلطانز جي محمد اسماعيل 2 وڪيٽون ورتيون، فيصل اڪرم ۽ پيٽر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
تبصرے بند ہیں۔