پشاور ۾ مشهور بالي ووڊ اداڪار راج ڪپور جي قديم حويلي کي نقصان

پشاور:  پشاور ۾ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار راج ڪپور جي حويلي جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو آهي.تفصيل موجب، پشاور جي قصه خواني بازار ۾ ڪپور خاندان جي حويلي کي برسات ۽ زلزلي سبب نقصان پهتو آهي.برسات کان ٿوري دير بعد آيل زلزلي سبب راج ڪپور جي حويلي جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو.حڪومت پاران راج ڪپور حويلي کي قومي اثاثو قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي سنڀال حڪومت وٽ آهي.

تبصرے بند ہیں۔