ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران،گورنر جي ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي بحال ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي : ڪراچي ۾ بجلي نه هجڻ سبب پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو، گورنر عمران اسماعيل طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي وفد سان ملاقات دوران شهرين کي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا چيو آهي ته شهرين کي ميسيجز ذريعي لوڊشيڊنگ بابت ڄاڻ ڏني پئي وڃي، بن قاسم پاور پلانٽ جا 2 يونٽ بند ٿيڻ سبب لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، پاور ڊويزن به ڪراچي ۾ بجلي بحران جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي گهرج موجب بجلي مهيا ڪئي پئي وڃي، نيشنل گرڊ مان 800 ميگاواٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي ملي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔