مخالف ڌر ڪرپٽ آهي، عمران خان جو ڪجهه به نه ٿي بگاڙي سگهي:شيخ رشيد

لاهور :ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن ڪرپٽ ۽ مني لانڊر آهي، سڄي قوم کي هنن لٽي ماري ڇڏيو آهي، بال اسان جي ڪورٽ ۾ آهي، اپوزيشن عمران خان جو ڪجهه به نٿي بگاڙي سگهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته ٻنهي جماعتن تي تمام وڏا ڪيسز آهن بچي نٿا سگهن، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي چوان ٿو ته پنهنجا خراب ڪپڙا ٽي وي تي اچي نه لاهيو، عمران خان گهڻي محنت ڪري رهيو آهي، جيتري همت آهي هو حڪومت هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن مائنس جي ڳالهه آئي ته مائنس ٿري ٿيندو، نه اسان آخري چوائس آهيون ۽ نه وري اسان مائنس ون آهيون، هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي ريڙهه واري هڏي آهي، هن کي خبر آهي ته ملڪ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، پاڪ فوج ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، کنڊ جو ڪيس ٻنهي طرفان سنجيده ٿي سگهي ٿو. افسوس آهي ته اپوزيشن اهو ڪم نه پئي ڪري جيڪو اسان پنهنجي خلاف پاڻ ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔