ڪورونا جا ڪيس گهٽ ٿيڻ کان پوءِ لاهور جي 7علائقن مان اسمارٽ لاڪ ڊائون ختم

لاهور: لاهور ۾ 10 ڏينهن کان سيل ڪيل 7 علائقن کي گذريل رات کوليو ويو. ذريعن موجب ان علائقن ۾ هڪ هزار اسمارٽ ٽيسٽ سيمپلنگ ڪرائي وئي.

گذريل 10 ڏينهن کان شهر جا 4 ۽ گلبرگ جا 5 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا. ماڊل ٽائون، ڊي ايڇ اي، گلشن راوي، فيصل ٽائون، گارڊن ٽائون ۾ به ڪورونا ڪيسن جو انگ انتهائي گهٽ رهيو جنهن سبب علائقن کي مڪمل کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 25 هزار 283 تائين پهچي ويو. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 68 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 4 هزار 619 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔