سنڌ ۾ ماڪڙ ختم نه ٿي، فصل، گاهه ۽ باغ کائي چٽ ڪري ڇڏيا

ڪراچي : سنڌ ۾ ماڪڙ جو خاتمو نه ٿي سگهيو، ماڪڙ اربين رپين جافصل، گاهه ۽ باغ کائي چٽ ڪري ڇڏياآهن. نوشهري فيروز جي مختلف علائقن ڦل، درياخان مري، علي آباد ۾ ماڪڙ فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا، ڳوٺ مٺل وڳڻ، ڳوٺ عرض محمد مري ۽ ٻين علائقن ۾ به ماڪڙ فصل ۽ ٻوٽا کائڻ لڳي آهي. ٺاروشاھ ۽ ان جي ڀر پاسي مڃٺ، ڀورٽي، دليپوٽا ۽ آس پاس ۾ به ماڪڙ ووئنڻ، ساريون، جوئر، چوپائي مال جي چاري سميت وڻ ٽڻ کائي ناس ڪري ڇڏيا آھن. ماڪڙ جو خاتمو نه ٿيڻ سبب آبادگار طبقو معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي. متاثر آبادگارن وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ماڪڙ مار اسپري ڪرائي مڪمل تباهي کان بچايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔