ملير جي عدالت پاران شاهه رخ جتوئي کي ٻڌڻيءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي :جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت شاهه زيب قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهه رخ جتوئي جا پروٽيڪشن آرڊر جاري ڪري کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جيل اختيارين جوابدار کي پيش ڪرڻ کان انڪارڪندي چيو آهي ته گهرو کاتي جوابدار جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ٻڌڻي جيل اندر ئي ڪئي وڃي، عدالت شاهه رخ جتوئي کي پرڏيهه فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٻن ٽريول ايجنٽ ڀائرن عمر ۽ ابوبڪر کي بري ڪري ڇڏيو . جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهه رخ جتوئي جي پرڏيهه فرار ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جيل انتظاميا جوابدار کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو، جيل انتظاميا جوابدار کي پيش ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جوابدار پهريان به هڪ ڀيرو پرڏيهه فرار ٿي چڪو آهي، تنهنڪري کيس پيش نه ٿو ڪري سگهجي. جيل انتظاميا عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته گهرو وزارت جوابدا رجي چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، تنهنڪري ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي ڪئي وڃي. عدالت جوابدار جا پروٽيڪشن آرڊر جاري ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔