نون ليگ پاران حفيظ شيخ سوڌو صلاحڪارن کي نجڪاري ڪميٽي مان نيڪالي جو مطالبو

اسلام آباد : ن ليگ جي 6 ايم اين ايز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي خط لکي ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ سوڌو ٻين صلاحڪارن کي نجڪاري ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ کي غير آئيني قدم قرار ڏيندي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. خط جا تفصيل جاري ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته صلاحڪار آئين تحت حلف نه کڻندا آهن، تنهن ڪري اُهي آئين ۽ جمهوريت جا محافظ نٿا ٿي سگهن. خط ۾ روزويلٽ هوٽل کي جوائنٽ وينچر تحت هلائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ هوٽل انڊسٽري بحران جو شڪار آهي، اهڙي وقت ۾ روزويلٽ هوٽل کي جوائنٽ وينچر تحت ڏيڻ جو فيصلو درست ناهي. هن چيو ته پارلياماني ليڊر خواجا آصف، بيرسٽر محسن نواز رانجها ۽ ٻين جون خط تي صحيحون ٿيل آهن. ن ليگ ترجمان چيو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري آئين جي ڀڃڪڙي. هن چيو ته ڪاروباري مفادن جي لحاظ کان روزويلٽ هوٽل جو وڪرو نامناسب آهي. هن چيو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اعتراض ڪيا ۽ سوال اٿاريا آهن،جن کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔