اسلام آباد: انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، پاڪستاني شاهين ‘ايشيا ڪپ’ سان گڏ وطن واپس آئي.انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي وڏي تعداد ۾ شهري رات جو دير سان ايئرپورٽ تي رانديگرن جي استقبال لاءِ پهتا.فاتح رانديگرن تي گلن جي پنکڙين جي بارش ڪئي وئي، گلن جا هار پارايا ويا ۽ گلدستو پيش ڪيو ويو، شهرين ڍول جي ڌن تي رقص ڪيو ۽ ڀنگڙا وڄايا.ايئرپورٽ ٻاهران آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو، ۽ رانديگرن جي شاندار استقبال دوران ماحول پاڪستان زنده باد جي نعرن سان گونجيو.پي سي بي جو چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ ٻيا پي سي بي آفيسر رانديگرن جي استقبال لاءِ موجود هئا. سڀني رانديگرن کي ايئرپورٽ کان وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ مقامي هوٽل ڏانهن وٺي ويا.
تبصرے بند ہیں۔