حڪومت آصف زرداري کي مارڻ چاهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور ؛ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته حڪومت آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي مناظري جو چئلينج ڏيندي چيو ته تبديلي سرڪار هر بحران کي تبديلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، مافياز تحريڪ انصاف جون فرنٽ لائن آهن، پيٽرول بم سان عوام کي کيسن تي ڌاڙو هنيو ويو.هن چيو ته وزيراعظم اسيمبلي ۾ اسان جي سامهون تقرير نٿو ڪري سگهجي، ان ۾ همت آهي ته سامهون اچي ۽ مقابلو ڪري، تحريڪ انصاف حڪومت معاملا درست ڪرڻ بدران وڌيڪ بگاڙي رهي آهي، پاڪستان هن وقت تاريخي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ناڪام بڻائيندڙ اهلڪارن کي سلام پيش ڪيون ٿا، دهشتگردن کي ماريندڙ رفيق سومري جو واسطو عمرڪوٽ سان آهي، جنهن ٻن دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته ڄامشوري سان واسطو رکندڙ خليل جتوئي هڪ دهشتگرد ۽ نوابشاهه سان واسطو رکندڙ سليم بروهي به هڪ دهشتگرد کي ماريو، کين سلام پيش ڪيون ٿا.هن شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي به سلام پيش ڪندي چيو ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين سڄو پاڪستان سنڌ پوليس تي فخر ڪري ٿو ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جيڪا سنڌ پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين سبب آهي.پ پ چيئرمين موجب سنڌ حڪومت شهيدن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج طرفان به اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔