سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ

ڪراچي :سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي مدي ۾ واڌ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ حڪومت پابندين ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪئي آهي، ان حوالي سان گهرو کاتي باضابطا طور نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.پڌرائيءَ موجب سنڌ ۾ تعليمي ادارا، ٽريننگ انسٽيٽيوٽ 15 جولاءِ تائين بند رهندا، بيوٽي پارلز، بيوٽي سيلون تي به پابندي هوندي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، عوامي ميڙاڪن، تقريبن، شادي هالز، بزنس سينٽرن، ايڪسپو هالز تي پابندي برقرار رهندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سئنيما گهر، ٿيٽر، تفريحي ۽ سياحتي ماڳ، انڊور اسپورٽس ڪلب، جم، راندين جي سرگرمين تي پابندي برقرار رهندي، ان سان گڏوگڏ مزارن تي ميڙاڪن تي به پابندي هوندي، جڏهن ته بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي به 15 جولاءِ تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔