اداڪارا هانيا عامر به حليمه سلطان جي پرستار بڻجي وئي

ڪراچي : اداڪارا هانيا عامر به ترڪش ڊرامي ارطغرل غازي جي مداح ٿي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هن چيو آهي ته هو به حليمه سلطان جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ترڪي جو تاريخي ڊرامو ارطغرل غازي پاڪستان ۾ پسنديده ڊرامو بڻيل آهي. هانيا عامر تازو ڊرامو ڏسڻ شروع ڪيو آهي ۽ هو به هيروئن حليمه سلطان جي پرستار بڻجي وئي آهي. هن پاڻ به حليمه سلطان جو ڪردار اختيار ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن انسٽاگرام تي لکيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي مختلف انداز ۾ اداڪاري ڪندي ڏسندا ته يقينن ان پٺيان ڪنهن ڪردار جو مون تي اثر هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔