وفاق پنهنجي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري, سنڌ جو اڄ کان ود هولڊنگ ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي :وفاق پنهنجي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري: سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جو اڄ کان گاڏين جي رجسٽريشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جَي صوبائي وزير مڪيش چاولا ايف بي آر کي آگاهه ڪري ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق پنهنجو ٽئڪس پاڻ گڏ ڪري، سنڌ هاڻي ٽئڪس اوڳاڙي نه ڪندو، سنڌ حڪومت ود هولڊنگ ٽئڪس جي مد ۾ وفاق کي هر سال 2 کان اڍائي ارب رپيا ڏيندي آهي، ٻئي پاسي مڪيش چاولا جاري بيان ۾ چيو آهي ته خراب معاشي صورتحال باوجود ايڪسائيز کاتي سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر رهي، ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري ٽيڪس جي وصولي متاثر ٿي، ڪاٽن فيس جي مد ۾ 205.968 ملين رپين جي وصولي ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير وفاق لاءِ ٽيڪس گڏ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته وفاق اسان تي الزام هڻندو آهي ته ٽيڪس سهي نٿا وٺو ۽ اسان جي پئسن ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، هاڻ وفاق پاڻ ٽيڪس وصول ڪري، اسان ٽيڪس وٺڻ لاءِ ناهيون ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔