وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. ڪابينه جو اڄ ٿيندڙ اجلاس اسيمبلي سيشن سبب ملتوي ڪيو ويو هو. 

ذريعن موجب جعلي لائسنس جو معاملو وفاقي ڪابينه جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينه پائلٽس جي جعلي لائسنس کي رد ڪرڻ جي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال سميت پارٽي معاملن تي به غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ 14 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. گهرو وزارت طرفان پابندي مڙهيل لائسنس واري هٿيار کي جاري ڪرڻ جو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوشن(اي او بي آءِ) پينشنرز کي پينشن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي ڪابينه ڪندي.

وفاقي ڪابينه جي ايجنڊا ۾ ايران، عراق ۽ ٻين ملڪن جي لاءِ زائرين پاليسي ريگوليٽري فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو. ڪابينه کي وفاقي ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ بل تي نيشنل هيلٿ ريفارمر ٽاسڪ فورس جي بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي ايم ڊي جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. اي سي سي ۽ ڪابينه جي توانائي ڪمپنين جي فيصلن جي توثيق به ايجنڊا ۾ شامل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔