اسرائيلي فوج جا حملا جاري، غزہ ۾ وڌيڪ 53 فلسطيني شهيد

غزه:  اسرائيلي فوج پاران سڄو ڏينهن بيگناهه فلسطيني شهرين تي حملا جاري رهيا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسطيني شهيد ٿي ويا. الجزيره موجب قابض فوج غزه شهر تي لڳاتار بمباري ڪندي علائقي کي ملبن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. روزانو درجنين ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، ڪيتروين ئي رهائشي عمارتون ۽ اسڪول تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين فلسطيني ڏکڻ طرف لڏپلاڻ تي مجبور آهن، اتي به انهن تي حملا ڪيا پيا وڃن.

الجزيره جي نمائندي هاني محمود ٻڌايو ته اسرائيلي فوج پهرين ماڻهن کي نڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي ۽ پوءِ هيلي ڪاپٽرن، ڊرونن ۽ ٽينڪن ذريعي نشانو بڻائي ٿي، جنهن سان وڌيڪ افراتفري ۽ خوف ڦهلجي ٿو. طبي ذريعن موجب غزه ۾ انصار واري علائقي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ هڪ ٻار شهيد ٿيو. مرڪزي غزه پٽي ۾ اسرائيلي سنائپرن 9 ماڻهن کي شهيد ۽ 13 کي زخمي ڪيو.

البريج پناهگير ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي ڊرون حملي دوران هڪ فلسطيني جوڙو شهيد ٿيو. دير البلح جي ڏکڻ ۾ ٻي ڊرون حملي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. خان يونس ۾ اسرائيلي ڊرون الاقصيٰ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا. وحشياڻي بمباري سبب غزه جا رهواسي ڏکڻ طرف لڏڻ تي مجبور آهن، پر ڪجهه ماڻهو خطري باوجود اتر ڏانهن واپس وڃڻ تي مجبور آهن. هزارين فلسطيني اتر کان ڏکڻ طرف خطرناڪ لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.

ساڳي وقت، فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪا جي تجويز ڪيل جنگبندي منصوبي تي غور ڪري رهي آهي، جنهن سان ٻن سالن کان جاري جنگ ختم ٿي سگهي ٿي. پر ان منصوبي جون شرطون گهڻو ڪري اسرائيل جي مقصدن جي حق ۾ سمجهيون پيون وڃن، جنهن تي حماس جي رضامندي اڃا تائين غير يقيني آهي. 7 آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي حملن ۾ 66 هزار 225 فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 68 هزار 938 زخمي ٿي چڪا آهن. صرف مارچ ۾ اسرائيل پاران هڪ طرفي جنگبندي ٽوڙڻ کان پوءِ اڃا تائين 13 هزار 357 شهري شهيد ۽ 56 هزار 897 زخمي ٿيا آهن.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔