اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جو چيو ته مان صمود غزه فلوٽيلا ۾ پاڪستاني شهرين جي باوقار شرڪت کي ساراهيان ٿو. مشتاق احمد خان صاحب، مظهر سعيد شاهه صاحب، وهـاج احمد صاحب، ڊاڪٽر اسامه رياض صاحب، اسماعيل خان صاحب، سيد عزيز نظامي صاحب ۽ فهد اشتيـاق صاحب سميت ٻين پاڪستانين، انساني همدردي جي اصولن مطابق هن عظيم امدادي مشن ۾ حصو ورتو.
هو قدم پاڪستاني عوام جي امن پسند امنگن، انصاف لاءِ جدوجهد ۽ ضرورت مندن جي مدد جي جذبي جي نمائندگي ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان، انساني جان جي احترام، محفوظ رسائي ۽ بنا رڪاوٽ امداد جي اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ پنهنجن شهريّن جي واپسي لاءِ ڀرپور مطالبو ڪري ٿي، سندن سلامتي، وقار ۽ جلد کان جلد وطن واپسي لاءِ دعاگو ۽ ڪوشان آهي.