پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلنديءَ تي، هڪ لک 69 هزار پوائنٽن جي حد به پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، 100 انڊيڪس هڪ لک 69 هزار پوائنٽن جي حد به پار ڪري وئي، جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ چڙهڻ لهڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي، ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس ۾ 1107 پوائنٽن جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح هڪ لک 69 هزار 597 پوائنٽن تي پهچي ويو.

گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي هَنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 68 هزار 490 پوائنٽن تي بند ٿيو هو، جڏهن ته آٽوموبائل اسمبلرز، ڪمرشل بينڪ، آئل اينڊ گيس ايڪسپلورشن ڪمپنيز ۽ او ايم سيز ۾ خريداري جو سلسلو جاري رهيو.

ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اتار چڙهاءُ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب 7 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ ڊالر جي قيمت 281 رپيا 20 پئسا ٿي وئي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔