بنگلاديش پاران پاڪستاني اختيارين لاءِ ويزا شرط ختم

ڍاڪا : بنگلاديش 1971 کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستاني عملدارن لاءِ ويزا جي شرط کي پنجن سالن جي عرصي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن کي هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه پوندي. نوبل انعام يافته محمد يونس جي اڳواڻي ۾ بنگلاديش جي عبوري حڪومت باهمي ويزا جي ڇوٽ تي هن معاهدي جي منظوري ڏني آهي.سندس پريس سيڪريٽري شفيق الاسلام ڍاڪا ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس کي ٻڌايو ته بنگلاديش جا 31 ٻين ملڪن سان اهڙا معاهدا آهن.شفيق الاسلام چيو ته هن معاهدي تحت، پاڪستاني عملدارن کي به ويزا کان سواءِ بنگلاديش ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔