ڪراچي :پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپاري هفتي دوران مثبت رجحان رهيو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ واپار جي آخر ۾ 100 انڊيڪس ۾ 4448 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.هنڈريڊ انڊيڪس هفتي دوران 3001 پوائنٽس وڌي 149,493 تي بند ٿيو.100 انڊيڪس پڻ واپاري هفتي دوران 4858 پوائنٽس جي بينڊ اندر رهيو.انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين سطح 151,261 هئي جڏهن ته گهٽ ترين سطح 146,403 پوائنٽس هئي.مارڪيٽ ۾ هفتي ۾ 3.95 ارب شيئرز جو واپار 224 ارب رپين ۾ ٿيو، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن هفتي دوران 266 ارب رپين کان وڌي 17,735 ارب رپين تائين پهچي وئي.