ڪراچي: ڪراچي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي. شهر ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن جو به انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 18 مئي 2025 تي بدين ۾ هڪ شخص قتل ٿيو مرحوم علائقي ۾ فلاحي ڪمن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. 45 ورهين جي شخص جي قتل ۾ ملوث ملوث 4 ڄڻن کي 8 جولاءِ تي گرفتار ڪيو. جوابدارن کان جاچ دوران (را) نيٽ ورڪ جي خبر پئي.ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) جي مالي ۽ لاجسٽڪ مدد سان نيٽ ورڪ هلايو پئي ويو، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيل دهشتگردي ۾ را جي ملوث هجڻ جون شاهديون مليون.هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن لاءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو سيف هائوس قائم هو، را ايجنٽ سنجي سنجيو ڪمار عرب رياست مان پاڪستاني نوجوانن سلمان ۽ ارسلان کي ايجنٽ بنايو، سلمان عمير، سجاد، عبيد ۽ شڪيل تي ٻڌل ٽارگيٽ ڪلر گينگ ٺاهيو ويو.هن چيو ته شهري جي قتل ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) ملوث آهي. جوابدارن سجاد، شڪيل ۽ عبيد موقعي تي موجود هئا. باقي ٻيا جوابدار حيدرآباد مان آپريٽ ڪري رهيا هئا. ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي منصوبه بندي پرڏيهي ملڪن مان ڪئي وئي. را طرفان فنڊنگ بينڪنگ جي ذريعي ڪئي وئي.هن ٻڌايو ته(را) جي گرفتار ٿيل 4 جوابدارن وٽان پستول، 125 مارٽرشيل ۽ بم هٿ آيا، جوابدارن ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) جي لوڪل ايجنٽ جي طور تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدار پهريان به گرفتار ٿي چڪا آهن جنهن جو رڪارڊ موجود آهي. جوابدارن جي ٽريول هسٽري به اسان وٽ موجود آهي.آزاد خان چيو ته(را) دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ رقم فراهم ڪئي. ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جو ماسٽر مائينڊ سنيجو ڪمار عرف فوجي هو، جوابدارن 5 ڏينهن تائين واردات جي ريڪي ڪئي. انهي قتل تي ڀارتي ميڊيا جشن به ملهايو.