نيويارڪ: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سلامتي ڪونسل ۾ اهم اجلاسن جي صدارت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو.
پرڏيهي وزارت طرفان سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو، جتي هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پاڪستان جي نمايان اجلاسن جي صدارت ڪندو.
ياد رهي ته پاڪستان جولاءِ جي مهيني لاءِ سلامتي ڪونسل جي صدارت سنڀالي آهي. پنهنجي سرڪاري دوري جي دوران پرڏيهي وزير نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي ۾ ٻطرفيون اهم ملاقاتون ڪندو.
هوڏانهن سينيٽر اسحاق ڊار(ٻن رياستي حل) بابت عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي به ڪندو. جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪري رهيا آهن.
نائب وزيراعظم جي نيويارڪ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار احمد ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ استقبال ڪيو.