خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

پشاور: خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل صبح 9 وڳي شروع ٿي ويو جيڪو شام 4 وڳي تائين جاري رهندو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پولنگ 11 وڳي شروع ٿي جيڪا  ٻنپهرن جو 4 وڳي تائين جاري رهندي.

ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي آمد ۽ پولنگ جي وقت پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ميڊيا جي ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي آهي. پولنگ کان اڳ اپوزيشن اڳواڻ، وڏو وزير، اميدوار ۽ ٻيا ميمبر اسيمبلي پهتا.

هوڏانهن پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ جي لاءِ پولنگ جاري آهي. جتي مسلم ليگ(ن) طرفان چيف وهپ رانا ارشد پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو ويو، اپوزيشن طرفان رانا شهباز پولنگ ايجنٽ جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب شريف الله پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. شروعاتي اطلاعن تائين پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر رانا محمد ارشد ۽ پير اشرف رسول ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ميمبر آشفه، رياض فتيانه، علي امتياز وڙائچ ۽ رانا شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ 369 مان 130 ووٽ ڪاسٽ ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪميشن جي فهرست موجب 11 سيٽن جي لاءِ 25 اميدوار آهن. يعني 7 جنرل سيٽن جي لاءِ، 16 ٽيڪنو ڪريٽ جي 2 سيٽن جي لاءِ 5  ٻين عورتن جي 2 سيٽن لاءِ 4 اميدوار ميدان ۾ آهن.

اليڪشن جي فهرست مان ڪيترائي اميدوار هٿ کڻي چڪا آهن. اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ بنا مقابلي فارمولي جي تحت 6 ۽ 5 سيٽون اپوزيشن جي ڪوٽا ۾ اينديون. جنرل سيٽن تي حڪومت جي مراد سعيد، فيصل جاويد، مرزا آفريدي ۽ نورالحق قادري اميدوار آهن جڏهن ته اپوزيشن طرفان جنرل سيٽن تي جي يو آءِ جي مولانا عطاءُالحق درويش، پيپلز پارٽي جي طلحه محمود ۽ نوازليگ جو نياز احمد اميدوار آهن.

پي ٽي آءِ جي ناراض اميدوار خرم ذيشان نامزدگي ڪاغذ واپس ناهن ورتا، جڏهن ته فهرست ۾ دستبير ٿيندڙ ناراض اميدوار عرفان سليم، وقاص اورڪزئي جو نالو شامل آهي. عورتن جي سيٽن تي پيپلز پارٽي جي روبينه خالد، پي ٽي آءِ جي روبينه ناز ۽ مهوش علي ميدان ۾ آهن. اميدوارن جي فهرست ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض اميدوار عائشه بانو جو نالو به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔