لاهور: بلوچستان ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي وحشياڻي قتل جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ شوبز سان جڙيل شخصيتن واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي هڪ عورت ۽ مرد کي قتل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن تي ظاهري طور تي شادي ڪرڻ جو الزام هو. رپورٽ موجب اهو واقعو مبينه طور تي عيدالاضحيٰ کان پهريان پيش آيو ۽ انهي کي غيرت جي نالي تي قتل قرار ڏنو پيو وڃي.
قتل کان اڳ مقتوله قاتلن کي براهوي زبان ۾ چيو ته توهان کي مون کي گولي هڻڻ جي اجازت آهي پر انهي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هن اهو به چيو ته اسان کي ست قدم هلڻ ڏنو وڃي جنهن کان پوءِ انهن کي مبينه طور تي ان جي ڀاءُ 3 گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ انهي جي مڙس کي به قتل ڪيو ويو.
انهي افسوسناڪ واقعي تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن طرفان افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي، شوبز شخصيتون به انهي واقعي تي انتهائي ڏکويل آهن.
اداڪاره حرا خان انسٽاگرام تي لکيو آهي ته اميد آهي ته جن ماڻهن اهو قتل پنهنجي اکين جي سامهون ٿيندي ڏٺو آهي انهن وٽ خدا جي سامهون سوال، جواب جي وقت لاءِ جواب تيار هوندو، خدا ڪري ته اوهان سڀ دوزگ ۾ وڃو. هن لکيو ته اهي هاڻ سٺي جڳهه تي آهن ۽ ان سان گڏ ئي انهي ڇوڪري جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.
اداڪار اسامه خان مذڪوره واقعي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اها ڪهڙي مردانگي آهي جنهن ۾ غيرت جي نالي تي ڌيءَ کي قتل ڪيو وڃي ٿو پر انهي کي سندس حق نٿو ڏنو وڃي.
اداڪار، ميزبان مشي خان انهي واقعي تي هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته ايترو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جنهن ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو نام نهاد مردن قتل ڪري ڇڏيو، هي ڪنهن جهنگ ۾ رهي رهيا آهن، جتي روزاني اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته انهي جو هڪ ٻيو وڏو سبب اهو آهي ته اسان جي ملڪ جو قانون صحيح ناهي، هر ادارو ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ڪهڙو ڏوهه هو انهن جو؟ صرف پسند جي شادي ڪرڻ جي ڪري انهن کي قتل ڪيو ويو. مشي خان وڌيڪ چيو ته هن ملڪ ۾ جڏهن حرام ڪم آزادانه طور تي ڪيا ويندا آهن ته انهي وقت ڪنهن جي غيرت نٿي جاڳي، ان سان گڏ ئي هن متاثرين جي لاءِ انصاف جو به مطالبو ڪيو.
سينئر اداڪار نعمان اعجاز به انهي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته عورتن کي ته جنگ ۾ به مارڻ جي به اجازت ناهي پر ماڻهو انهن کي محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪري رهيا آهن.