اسلام آباد: عالمي ادارن ٽي بي ۽ ايڇ آءِ وي جي دوائن لاءِ ڀارت تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) ۽ يو اين ايڊز پاڪستان کان دوائون مقامي طور تي تيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڊبليو ايڇ او ۽ يو اين ايڊز موجب پاڪستان ۾ تقريبن ساڍا 3 لک ايڇ آءِ وي مريض آهن، هر سال 6 لک نوان ٽي بي جا مريض ايندا آهن پر دوا صرف 5 هزار وٺندا آهن.
ڊبليو ايڇ او يو اين ايڊيز ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ مقامي دوا جي تياري نه ٿيڻ جي برابر آهي انهي ڪري پاڪستان کي ايڇ آءِ وي ۽ ٽي بي جون دوائون پاڻ ٺاهڻيون پونديون.
عالمي ادارن مقامي فارما ڪمپنين کي ڊبليو ايڇ او سان منظور ٿيل دوائون ٺاهڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته هزارين پاڪستاني دوائن ۾ ڊبليو ايڇ او مان صرف 4 پاڪستاني دوائون منظور ٿيل آهن.
ٻئي طرف وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته مقامي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنين جي عالمي معيار جي منظوري وٺڻ ۾ دلچسپي گهٽ آهي، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جلد ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ مليريا جي دوا لاءِ ڪمپنين کان درخواستون وٺندي.