اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جن به شهرن ۾ بجلي جو بل جمع نٿو ڪرايو اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي.
اڪنامڪ سروي پريس ڪانفرنس کان پوءِ سوالن جي جواب ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڀارت سان جنگ تي اٿندڙ خرچ وڏو مسئلو نه آهي، ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اهي خرچ شامل هوندا.
بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان هن چيو ته جن علائقن ۾ بجلي جو بل نٿو جمع ڪرايو وڃي اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي. ناڻي واري وزير چيو ته پاسڪو ڪرپشن جو ڳڙهه هو جنهن کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين تي ساليانو 6 کان 700 ملين ڊالر خرچ ڪنداسين، آبادي وڌڻ جي 2.55 سيڪڙو شرح جاري رهي ته سوچي وٺو ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 5 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، 43 وزارتن ۽ 200 ڊيلي ادارن ۾ مرحليوار رائٽ سائزنگ ڪئي ويندي.