اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪيترين ئي شين تي ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فرزون فوڊز، چپس، ڪولڊ ڊرنڪس، نوڊلز، آئس ڪريم ۽ بسڪيٽس تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي تجويز آهي.
ذريعن موجب فروزن گوشت، ساسز ۽ تيار ٿيل خوراڪ تي به 5 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته بجيٽ ۾ ڪيترين ئي پراسيڊ شين تي به ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز آهي جڏهن ته اي ڪامرس تي 19 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي.
ياد رهي ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ تقريبن 18 هزار ارب روپين جو بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ تقريبن 2 هزار ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو هوندا.