سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 6 سيڪڙو اضافي جي تجويز منظور

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 6 سيڪڙو اضافي جي تجويز منظور ڏئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ تجويزن جي حتمي منظوري ڪابينه اجلاس ۾ ڏني ويندي، ياد رهي ته وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه اجلاس  جي صدارت ڪندو ۽ اجلاس ۾ بجيٽ دستاويزات ۽ مالياتي بل جي منظوري ڏني ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي اضافي جي حتمي منظور ڪابينه ڏيندي.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ جي اهم پوائنٽن کان ڪابينه کي آگاهه ڪندو. ڪابينه اجلاس کان فوري بعد وزيراعظم قومي اسيبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔