ڪراچي: ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي ڪيس ۾ نئون موڙ سامهون اچي ويو

ڪراچي: ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي ڪيس ۾ نئون موڙ سامهون اچي ويو آهي. ملير جيل مان 216 جي بجاءِ 225 قيدين جي فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهي سلسلي ۾ جيل جي سپرنٽينڊٽ جانچ اختيارين کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته مفرور قيدين جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ تي انگ تبديل ٿيو، 146 مفرور قيدي هن وقت تائين گرفتار ٿي چڪا آهن، جيل مان فرار ٿيل 79 قيدي اڃان تائين مفرور آهن.

پوليس موجب هڪ قيدي پنهنجي گهر تي ماڙيپور ۾ آپگهات ڪيو، هڪ قيدي ڀڄڻ دوران فائرنگ سبب مارجي ويو هو، نئين لسٽ ۾ شامل وڌيڪ قيدين جا تفصيل ٿاڻن ۾ اماڻيا ويا آهن. مفرور قيدين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضلعي ڪورنگي مان 8، ضلع اوڀر مان 7 قيدي گرفتار ڪيا ويا، ضلعي ڏکڻ مان 7، ضلعي سٽي مان 3 قيدي گرفتار ڪيا ويا، ضلعي ڪياماڙي مان 3 ۽ ضلعي اولهندي مان 9 قيدي گرفتار ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ضلعي سينٽرل مان 6 قيدي گرفتار ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔