ڀارت سان سڀني مسئلن جي حل جو رستو ڪشمير مان گذري ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن: گهڻ پارٽي پارليماني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ڀارت سان سڀني مسئلن جو حل چاهيون ٿا ۽ پر ان جو هر رستو ڪشمير مان گذري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي، پاڪستان هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري وسيلي مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ هميشه امن جو پيغام ڏنو، پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي روڪڻ اعلان جنگ تصور ڪيو ويندو، ڀارت يڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل يا ختم نٿو ڪري سگهي، پاڻي اسان جي لازمي ضرورت آهي ۽ ان تي ڪو به سمجھوتو نه ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان-ڀارت جنگبندي ۾ آمريڪي صدر جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو جنگبندي بابت ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه چيو ته اسان پهلگام واقعي تي غيرجانبدار جاچ جي پيشڪش ڪئي هئي پر ڀارت اسان جي پيشڪش قبول نه ڪئي، ٻنهي ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ ڪو به ميڪينزم موجود ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔